سخيراڻي منظور

سخيراڻي منظور

منظور سخيراڻي

منظور سخيراڻي: سنڌ جو مشهور راڳي منظور سخيراڻي ولد بهارالدين سخيراڻي، 14 اپريل 1959ع تي دادو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪندو هو. منظور سخيراڻيءَ پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم دادوءَ ۾ حاصل ڪئي. راڳ جو شوق کيس ننڍپڻ کان ئي هو، هو ننڍپڻ ۾ ريڊيو تمام گهڻي چاهه سان ٻڌندو هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هي انٽر تائين تعليم جاري نه رکي سگهيو ۽ مڪمل طور راڳ طرف لاڙو ڪيائين. منظور سخيراڻيءَ راڳ جي تربيت پنهنجي دور جي ڪلاسيڪل گويي استاد قدرت الله خان کان حاصل ڪئي. سندس پهرين آڊيو ڪئسٽ 1983ع ڌاري اي. ايم. آءِ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ جاري ڪئي، جنهن ۾ منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ سندس ڳايل مشهور ۽ سدا بهار ڪلام ’جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم‘، ’ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان‘، ’انتر منتر جادو جنتر‘، ’ايڏو نه ٿي جذباتي‘، ’روز بهانا نوان نوان‘ شامل هئا. سندس آواز ۾ هن وقت تائين لاتعداد آڊيو ڪئسٽون جاري ٿي چڪيون آهن. منظور سخيراڻيءَ کي ريڊيو تي سڀ کان پهريان پروڊيوسر نثار ميمڻ متعارف ڪرايو، سندس آواز ۾ پهريون ڪلام ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي اسٽوڊيو ۾ رڪارڊ ٿيو، جنهن جو شاعر استاد بخاري هو ۽ ڪلام جا ٻول هئا ’مون ڏي نيڻ نه کڻ، دنيا ڏاڍي ساڙولي، ڏيندءِ ڪا نه ڏسڻ.‘ چيو وڃي ٿو ته استاد بخاريءَ جو ريڊئي تي رڪارڊ ٿيندڙ هي پهريون ڪلام هو، جيڪو بيحد مقبول ٿيو. منظور سخيراڻيءَ کي ٽيليويزن تي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو، منظور سخيراڻي ٽي. ويءَ تي سڀ کان اڳ شمس عقيليءَ جو آزاد نظم رڪارڊ ڪرايو، هي آزاد نظم پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندڙ پهريون سنڌي آزاد نظم هو. منظور سخيراڻي دورِ حاضر تائين ريڊيو، ٽي. وي، اسٽيج، ڪئسٽ ۽ سيٽلائيٽ چئنلن جو مقبول ۽ ڪامياب فنڪار رهيو آهي. هن هڪ سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ لاءِ گيت پڻ ڳايا ۽ فلم ۾ اداڪاري به ڪيائين. منظور سخيراڻي هڪ تمام سريلو فنڪار آهي. هي سنڌ جي ڪافي جديد شاعرن جي شاعري ڳائي چڪو آهي، پر استاد بخاري، علي گل سانگي، عبدالغفار تبسم ۽ انور قمبراڻيءَ جا ڪلام گهڻا ڳايا اٿائين. منظور پوري پاڪستان سميت دبئي، شارجا، ڀارت، سعودي عرب ۾ به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. منظور سخيراڻيءَ کي ڪجهه سال اڳ ڌاڙيلن اغوا ڪيو هو، پر کين ڪلام ٻُڌائي آزاد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.04.14  عيسوي

سنڌ جو مشهور راڳي منظور سخيراڻي ولد بهارالدين سخيراڻي، 14 اپريل 1959ع تي دادو ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خادم حسين ديوانو
عبدالله ڪڇي
خاصخيلي محمد ابراهيم
رشيد علي خان
رفيق فقير
علڻ فقير
فقير عبدالغفور
بالي اقبال
ظهور احمد
ماسٽر فتح علي سمو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون